بلاولي راڳ

بلاولي راڳ: هندستان جي ڪلاسيڪي راڳ جي نظام ۾، هن راڳ جا ڪل 14 قسم ڳڻيا ويا آهن، جن ۾ شڌ بلاول، ڪلبه بلاول، الهيار بلاول، منگل بلاول، ڪماچي بلاول، جي جئونتي بلاول، سنکرا بلاول، ڪجيلي بلاول، ايمن بلاول، ڪامودي بلاول، مدهه رسيا بلاول، سکيا بلاول، بهاگ بلاول ۽ سوها بلاول شامل آهن .
انهيءَ ٺاٺ کي هندو مذهب جا جيترا به علم موسيَي تي لکيل سنگيت، جن مان خاص ڪري رتناڪر، هنونت مت درپن، ڀاوري لڪش ۽ ڀات کنڊي جو لکيل سنگيت ”معرفت النغمات“ آهن، اهي سڀ چون ٿا ته جيترا به سنگيت ٺاٺ آهن، انهن ۾ شد ٺاٺ صرف بلاول ٺاٺ ئي آهي، هاڻ هيٺ هِن راڳ جو سرگم لکجي ٿو. هن کي هندي ۽ سنسڪرت ۾ شنڪر اڀرن ميل ٺاٺ چوندا آهن. هي راڳ اُترانگ جو راڳ آهي. ڳائڻ جو وقت صبح جو آهي. هن راڳ ۾ گنڌار ڪمزور ڪري لڳائجي نکاد وِڪر روپ سان لڳائبي. هڪڙا گائڪ (راڳي) وادي سُر کي کرج (سا) ۽ ٻيا ڌيوت (ڌا) کي استعمال ڪندا آهن. راڳ بلاول جو سرگرم ٿيو:
آروهي: سا ري گي ما پا ڌي ني سا
امروهي: سا ني ڌي پا ما گي ري سا


هن صفحي کي شيئر ڪريو